جامع الازهر

جامع الازهر

جامعه الازهر

جامعه الازهر: دنيا جي قديم ترين اسلامي درسگاهه، جيڪا قاهره شهر جي اولهه ۾ نيل درياهه جي ڪپ تي موجود آهي. سڄيءَ دنيا جا مسلمان هتي عربي ۽ اسلاميات جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. هن وقت هن جامعه ۾ زير تعليم طالب علمن جو تعداد چاليهن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، جڏهن ته استادن جو تعداد 1500 کان وڌيڪ آهي. جامعه جي سالياني آمدني هڪ اندازي موجب هڪ ڪروڙ مصري پائونڊ آهي. هتي شاگردن کان ڪا به في وغيره نه ورتي ويندي آهي. هتي درسي ڪتابن جو خرچ ۽ رهائش به جامعه جي ذمي آهي. هتي پروفيسرن ۽ شاگردن لاءِ لباس مخصوص آهي، جيڪو درس ڏيڻ يا وٺڻ وقت پائڻ لازمي آهي. هن جامعه ۾ تفسير، تصوف، حديث، منطق، لغت ۽ فقہ جي تعليم جي لاءِ الڳ الڳ شعبا قائم ڪيا ويا آهن. هن وقت جامعه ۾ يورپي زبانن سان گڏ سائنس جي تعليم به ڏني ويندي آهي. هن جامعه جو سنگ بنياد 4 اپريل 970ع تي رکيو ويو. ۽ ان جو باقاعدي افتتاح 22 جون 972ع تي ٿيو. شروعات ۾ هتي اسماعيلي مڪتبه فڪر مطابق ديني تعليم جو انتظام ڪيو ويو هو، پوءِ هي اهل سنت جي مرڪز ۾ تبديل ٿي ويو. هيءَ اٺاسي هزار چورس والن تي پکڙيل آهي. جامع الاظهر ۾ موجود مسجد جا پنج منارا، ڇهه دروازا ۽ ٽي سؤ سنگ مرمر جا ٿنڀ آهن. جامعه جو سربراهه شيخ سڏرائيندو آهي. هن جو اهو ئي عهدو آهي، جيڪو پاڪستاني ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ چانسلر جو هوندو آهي. هن وقت هن جامعه ۾ پاڪستان، ڀارت، انڊونيشيا، افغانستان، عراق، ايران، سعودي عرب، شام، لبنان، روس، آمريڪا، آفريڪا ۽ ٻين ملڪن جا طالب علم زير تعليم آهن.



لفظ جامعه الازهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0970.04.04  عيسوي

هن وقت جامعه ۾ يورپي زبانن سان گڏ سائنس جي تعليم به ڏني ويندي آهي . هن جامعه جو سنگ بنياد 4 اپريل 970ع تي رکيو ويو . ۽ ان جو باقاعدي افتتاح 22 جون 972ع تي ٿيو .


0972.06.22  عيسوي

هن وقت جامعه ۾ يورپي زبانن سان گڏ سائنس جي تعليم به ڏني ويندي آهي . هن جامعه جو سنگ بنياد 4 اپريل 970ع تي رکيو ويو . ۽ ان جو باقاعدي افتتاح 22 جون 972ع تي ٿيو .



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شامِ غريبان1
ڀوڏيسر مندر 2
تنجور ۾ شِوِ جا مندر
ٽوٽم
روحانيت
آخرت
جامعه راشديه
ٿانورداس شيوامنڊل ۽ مندر
بوهري
جامعه الازهر
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون